SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي مالياتي فنڊ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي مالياتي فنڊ

International Monetary Fund IMF

انٽرنيشنل مونيٽري فنڊ

جڳ مشهور ’بريٽن ووڊس‘ جي اقتصادي نظام تحت هي ادارو جولاءِ 1944ع ۾ آمريڪا جي ’سانفرانسسڪو‘ شهر ۾ قائم ڪيو، جنهن ۾ 44 ملڪن شرڪت ڪئي. بعد ۾ اهو اقتصادي نظام گڏيل قومن جي وضع ڪيل ساڳي طرح جي نظام جو حصو بڻجي ويو. هن فنڊ کي قائم ڪرڻ پُٺيان بنيادي نظريو هو، ته جيستائين دنيا کي اقتصادي مسئلا درپِيش آهن ان وقت تائين امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. تنهنڪري هڪ اهڙو بين الاقوامي ادارو قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو اُسرندڙ مُلڪن کي پاڻڀرو ٿيڻ جا موقعا ڏيئي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو هن اداري جو مقصد ضرورتمند ملڪن کي مختلف فنڊ جاري ڪري، انهن جي اقتصادي حالت بهتر بنائڻ کين گهربل فني سهولتون فراهمن ۽ سندن قرضن جي ادائگي ممڪن بڻائڻ آهي. ان کان علاوه دُنيا ۾ مالياتي ۽ ڏيتي ليتيءَ جي نظام کي بهتر بنائڻ، بين الاقوامي واپار کي وسعت ڏيئي متوازن بنائڻ ۽ مُختلف قسمن جي ادائگيءَ وارن سرشتن کي معياري بنائڻ به اداري جي مُک ڪمن ۾ شامل آهي. ساڳئي وقت I.M.F دُنيا جي مُختلف سِڪن کي استحڪام فراهم ڪرڻ ۾ به مدد ڏئي ٿو. پر جيئن ته I.M.F جي سڄي ڏيتي ليتي آمريڪي ڊالر/ سون واري اصول (جنهن مطابق ان دور ۾ سون جي آئونس جي قيمت 35 ڊالر مقرر ڪئي ويئي هئي) تي بيٺل آهي، تنهنڪري دُنيا جي مڙني سڪن جي پوزيشن ڊالر جي قدر تي پرکي ويندي آهي. هونئن I.M.F قرض فراهم ڪري پنهنجا شرط مڃائڻ ۽ خاص طور اُسرندڙ مُلڪن جي معيشت تي اثرانداز ٿيڻ واري حوالي سان به مشهور آهي. هن سرشتي هيٺ اهو ادارو گهُرجائو مُلڪن کي قرض ڏيئي، کانئن ملڪي مالياتي سرشتي ۾ وياج جي شرح مقرر ڪرائڻ، محصول وڌائڻ ۽ عوامي ڀلائيءَ تي ٿيندڙ خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ وغيره وارا شرط مڃائي پنهنجي ڏنل رقم کي محفوظ ڪرڻ سان گڏ، انهن مُلڪن جي سياسي ۽ معاشي حڪمت عملين تي اثرانداز ٿيندو آهي. 1982ع ۾ ميڪسيڪو جو مثال ان ڏس ۾ وزندار دليل طور پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ 4 ارب ڊالر قرض ڏيئي، I.M.F ميڪسيڪو جي سموري معاشيات تي ڪنٽرول ڪري ورتو. هن تنظيم جو مرڪز واشنگٽن ڊي سي ۾ آهي


بين الاقوامي مالياتي فنڊ سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

ڦونڊ

ث. ڦوڪ ، سِيٽَ ، آڪڙ ، مغروري ، گهمنڊ ، وڏنءُ ، هوءِ ، دَمُ ، غرور ، وڏائي ، ٽانءِ ، ٽاڏ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal